آخوند قاضي ميان اسماعيل

آخوند قاضي ميان اسماعيل: آخوند قاضي ميان اسماعيل ذات جو صدر هو. سندس خاندان علمي گهراڻي سان واسطو رکڻ ڪري قاضي سڏبو هو ۽ کيس آخوند به چوندا هئا. آخوند صاحب نوشهري فيروز جي ڀرسان ڪلهوڙا اسٽيشن لڳ ”صدر ڳوٺ“ جو ويٺل هو ۽ اڃا تائين سندس خاندان جا ڪيترائي گهر اُتي آباد آهن. قاضي اسماعيل پنهنجي ڳوٺ صدر مان لڏي اچي ڀِرين جي ڀرسان ”درياخان جلباڻي“ ڳوٺ ۾ رهيو. قاضي اسماعيل پنهنجي وقت جو هڪ وڏو عالم هو. سندس مدرسي جي هاڪ ان زماني ۾ سموري ساهتي پرڳڻي ۾ هئي.
قاضي اسماعيل جا پنهنجن هم عصر عالمن سان گهاٽا واسطا هوندا هئا. کاهي راهوءَ جي صاحبن ۽ ڪنڍاڻي سيدن سان سندس ڪافي رهاڻيون ٿينديون هيون. سندس مدرسي جو خرچ ان وقت جي سرنديءَ وارا ماڻهو برداشت ڪندا هئا. پاڻ اعليٰ درجي جو خوشخط پڻ هو.


لفظ آخوند قاضي ميان اسماعيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو